Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:15 - Muslim Sindhi Bible

15 فرض ڪريو تہ ڪنهن ايمان واري ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 جيڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ پوري ڪپڙي ۽ ڏهاڙيءَ جي کاڌي لاءِ محتاج هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 فرض ڪريو تہ ڪنهن وشواسي ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 فرض ڪريو تہ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ لڱين اگھاڙو آھي ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن اوهين دل سان بکين جي سار لهندا، ۽ ڏکويلن جي دلجوئي ڪندا، تہ پوءِ اونداهيءَ ۾ بہ اوهان لاءِ روشني چمڪڻ لڳندي، هائو، اوهان جا ڏک ۽ مصيبتون خوشحاليءَ ۾ بدلجي ويندا.


اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.


هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“


هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا.


ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ