Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:17
62 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف فرعون کي ورندي ڏني تہ ”اهو منهنجي هٿ ۾ ناهي، خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو.“


جڏهن خداوند بني اسرائيل کي تنهنجي حڪم هيٺ رکي، تڏهن شل هو تو کي عقل ۽ سمجھہ ڏئي تہ جيئن تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪري سگھين.


منهنجي پٽ سليمان کي دلي چاهہ عطا ڪر تہ هو تنهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪري ۽ انهيءَ هيڪل کي مڪمل ڪري جنهن جي لاءِ مون پوري تياري ڪئي آهي.“


پر تون جيئن آهين تيئن ئي رهندين ۽ ڪين بدلبين، نڪي ڪڏهن تنهنجي ڏينهنِ جي پڄاڻي ٿيندي.


يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن وڏا وڏا روشني ڏيندڙ سيارا جوڙيا آهن، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


خداوند ئي اسان کي چڱيون شيون عطا ڪندو، ۽ اسان جون ٻنيون جھجھو فصل اُپائينديون.


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


هو ڄاڻين ٿا تہ کين پنهنجو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا کين اها سمجھہ عطا ڪئي آهي.


آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند پنهنجي واعدي تان نہ ڦرندو آهيان، انهيءَ ڪري اي يعقوب جو اولاد! اوهين پوريءَ طرح برباد نہ ٿيا آهيو.


آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين. موسيٰ ۾ جيڪو روح هو تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ستر اڳواڻن ۾ وڌائين. جڏهن انهن ۾ روح آيو تڏهن هو نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ دنيا ۾ اچڻ واري هئي.


تنهن تي يحيٰ جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس عرش عظيم مان نہ ڏنو وڃي.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاهي ڏسي نہ سگھندو.“


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”واہ! خدا غير قومن کي بہ زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ سندن گناهہ بخشي ڇڏي.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي خدا کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي خدا کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي


مطلب تہ خدا جي فضل جي ڪري ئي اوهين ايمان آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ٻاجھہ ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس ايمان رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


اهڙي ڏاهپ اها نہ آهي جيڪا آسمان کان ٿي ملي، پر اها دنياوي، نفساني ۽ شيطاني آهي.


پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.


هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“


پيار اهو نہ آهي تہ اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ خدا اسان سان پيار ڪندي پنهنجي فرزند کي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قربانيءَ طور موڪليو.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ