Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 9:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رنن‌زالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 9:17
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اهي خدا کي رد ڪندڙ آهن، جيڪي بي‌اولاد ئي رهندا، انهن رشوت‌خورن جي گھرن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


شال انهيءَ تي ڪو ئي بہ رحم نہ ڪري! نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي.


جنگي گھوڙن جي طاقت کان هو خوش ڪين ٿو ٿئي، نڪي وري جنگي جوڌن کان ئي هو متاثر ٿئي ٿو،


اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو.


انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رنن‌زالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.


ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“


اهي پنهنجن تيرن سان جوان ماڻهن کي پروڻ ڪري ڇڏيندا. هنن کي کير پياڪن تي بہ ڪو ترس نہ ايندو، هائو، هو ننڍن ٻارن تي بہ ڪو رحم نہ ڪندا.“


تون ٻين بادشاهن وانگر قبر ۾ وڃي آرامي نہ ٿيو آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي ملڪ کي ناس ڪري ڇڏيو هو، ۽ پنهنجي رعيت کي ڪهي ڇڏيو هو. سو اي بدڪارن جا نسل! تنهنجو نالو نشان بہ باقي نہ رهندو.


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


بيشڪ يروشلم جا حالات خراب ٿي ويا آهن، بلڪ سڄو يهوداہ سخت بدحاليءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اتي جي رهاڪن جو ڳالهائڻ، ۽ سندن چال چلت خداوند جي خلاف آهي. هائو، هنن عظمت واري خداوند کان بغاوت ڪئي آهي.


پر سياڻو تہ رڳو خداوند آهي. هو پنهنجو قول ضرور پورو ڪندو آهي. سو هو بدڪارن تي مصيبت آڻيندو، ۽ سندن حمايت ڪندڙن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندو.


مصري تہ رڳو فاني انسان آهن، اهي خدا جيان غير فاني نہ آهن. انهن جا گھوڙا بہ رڳو هڏ ماس جا ٺهيل آهن، اهي روح جيان لازوال نہ آهن. جڏهن خداوند سزا لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندو، تڏهن مدد گھرڻ وارن سان گڏ سندن مدد ڪرڻ وارا بہ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي سڀ جو سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


اوهان جون تباهيءَ واريون ڳالهيون باهہ مثل آهن، اهڙيءَ باهہ مثل جيڪا خود اوهان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. هائو، اوهان جا بيڪار منصوبا بُهہ جيان، ۽ اوهان جا فضول ڪم سڪل گاهہ جيان سڙي ناس ٿيندا.


اوهان کي ائين ساڙيو ويندو، جيئن ڪنڊا سڙي رک ٿي ويندا آهن. هائو، اوهين تيستائين باهہ ۾ سڙندا رهندا، جيستائين اوهان جون هڏيون سڙي رک ٿي نہ وڃن.


جيتوڻيڪ نوجوان ٿڪجي پوندا، ۽ اهي ساڻا ٿي پوندا، بلڪ جوڌا جوان بہ بلڪل ڪري پوندا.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


تنهنجا رهاڪو ملڪ کي اهڙيءَ طرح پنهنجو ڪندا، جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪنوار بڻائيندو آهي. جيئن ڪو گھوٽ پنهنجي ڪنوار سان خوش هوندو آهي، تيئن ئي تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


آءٌ پاڻ بہ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي قوم جي ڪري شادمان ٿيندس. هن کان پوءِ انهيءَ ۾ روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو آواز وري ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


اسرائيل ملڪ جا منسي ۽ افرائيم قبيلا هڪٻئي تي حملا ٿا ڪن، ۽ ٻئي گڏجي وري يهوداہ تي حملو ڪن ٿا. ايتري سزا ڏيڻ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿو ٿئي، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل ٿو رهي.


پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان پنهنجو قهر نازل ڪندي آءٌ اوهان تي حڪمراني ڪندس.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


انهيءَ ڏينهن حسين ڇوڪريون توڙي نوجوان ڇوڪرا خداوند جي فرمان جي اڃ جي ڪري ماندا ٿيندا.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


۽ جڏهن صبح جو آسمان ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ