Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 8:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ڇاڪاڻ تہ هن وقت خداوند بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. پر آءٌ خداوند تي ڀروسو ٿو رکان ۽ منهنجي اميد آهي تہ اڳتي هلي انهن تي عمل ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 8:17
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! ڇڏائجڻ لاءِ آءٌ تنهنجي ئي راهہ پيو نهاريان.


تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟


جيڪڏهن ائين ممڪن آهي، جو ماڻهو مري وڃڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿئي، تہ پوءِ آءٌ پنهنجي سخت پورهئي واري حياتي گذاريندي، ان جو انتظار ڪندو رهندس، تان‌تہ آءٌ انهيءَ سختيءَ مان ڇٽي نڪران.


تہ پوءِ اي ايوب! هو تنهنجي دانهن ڪيئن ٻڌندو؟ جو تون چوين ٿو تہ ’منهنجو مقدمو سندس آڏو آهي، پر هو انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي، آءٌ انهيءَ جو انتظار ڪندو ٿو رهان.‘


منهنجي توڪل خداوند تي آهي، انهيءَ جي واعدي تي مون کي پورو ڀروسو آهي.


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


سو اي خداوند! اسان جي توڪل تو تي آهي، تون ئي اسان جو مددگار ۽ اسان جو محافظ آهين.


سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي.


هاڻي اي منهنجا رب! ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ ڳالهہ تي ڀروسو ڪريان؟ اي منهنجا ڌڻي! مون تہ پنهنجي توڪل تو تي رکي آهي.


مون صبر ڪندي خداوند تي پنهنجي آس رکي، تڏهن هو مون ڏانهن مائل ٿيو ۽ منهنجي دانهن ٻُڌائين.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“


اي خداوند! اسين بہ تنهنجي ئي فيصلن مطابق هلون ٿا، ۽ تو ۾ ئي اميد رکون ٿا. تنهنجو نالو ۽ تنهنجي ياد ئي اسان جي تمنا آهي.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


اي خداوند! اسان تي رحم فرماءِ. اسان جي توڪل تو تي ئي آهي. تون هر روز اسان جي حفاظت ڪر، ۽ اسان جي مشڪلاتن جي وقت اسان کي اچي بچاءِ.


بيشڪ بني اسرائيل جو خدا، جيڪو اڪيلي سر پنهنجيءَ قوم کي بچائي سگھي ٿو، سو هڪ راز ئي راز آهي.


اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.


آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.


بيشڪ قديم وقت کان وٺي ڪنهن بہ ماڻهوءَ تو جهڙو خدا نہ ڪڏهن ٻڌو آهي ۽ نہ ڏٺو آهي، جيڪو انهن لاءِ اهڙا ڪم ڪري ڏيکاري، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


اسين سڀ جو سڀ گناهہ ڪرڻ ڪري پليت ٿي پيا آهيون. ايتري قدر جو اسان جا سمورا ڪم جيڪي سچائيءَ وارا سمجھيا ٿا وڃن، سي بہ حيض لڳل ڪپڙي وانگر پليت ٿي پيا آهن. اسين سڀ سڪل پنن وانگر ڪومائجي ڪري ٿا پئون، ۽ اسان جون بدڪاريون اسان کي هوا وانگر اُڏايو ڇڏين.


انهن بدڪارين جي ڪري تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، بلڪ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو اٿيئي. هاڻ ڪوبہ اهڙو ڪونهي، جيڪو تنهنجو نالو وٺي تو کان دعا گھري، نہ ئي ڪو اهڙو آهي جيڪو تنهنجي عبادت ڪري.


جيتوڻيڪ يروشلم وارا بابلين سان وڙهڻ لاءِ نڪتا آهن، تہ بہ سندن گھر ۽ محل سندن ئي لاشن سان ڀرجي ويندا. هائو، انهن کي آءٌ پنهنجي قهر ۽ غضب سان ماري ڇڏيندس. شهر وارن جي تمام گھڻي بڇڙائيءَ جي ڪري مون هن شهر کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.


سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين پنهنجي خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، وفاداريءَ ۽ سچائيءَ تي قائم رهو، ۽ پنهنجي خدا تي هميشہ ڀروسو رکو.


سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


سو خداوند چيو تہ ’جيئن تہ هي ماڻهو ضدي ۽ بي‌وفا آهن، تنهنڪري آءٌ انهن کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏيندس، ۽ ڏسندس تہ سندن ڪهڙو انجام ٿو ٿئي.


۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


شل خداوند عيسيٰ اوهان جي اهڙي رهنمائي ڪري جو جيئن جيئن اوهين خدا جي محبت ۾ وڌندا رهو، تيئن تيئن مسيح جي ثابت قدميءَ ۾ بہ وڌندا رهو.


هو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ بہ خدا تي ڀروسو رکندس.“ هو ائين بہ چوي ٿو تہ ”آءٌ انهن ٻارن سميت خدا آڏو حاضر آهيان، جيڪي هن مون کي ڏنا آهن.“


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ