اوهان موت سان جيڪو ٺاهہ ڪيو آهي، سو رد ڪيو ويندو. ۽ پاتال سان اوهان جو عهد اقرار قائم نہ رهندو. تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تڏهن اوهين انهيءَ ۾ غرق ٿي ويندا.
يهوداہ جو بادشاهہ آخز ولد يوتام ولد عُزياہ، جيڪو دائود جي نسل مان هو تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ارام ملڪ جي بادشاهہ رضين ۽ بني اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي چڙهائي ڪئي، پر اهي غالب ٿي نہ سگھيا.