7 منهنجو پاڪ شهر يروشلم هڪ اهڙي عورت وانگر آهي، جنهن ويم جي سورن کائڻ کان سواءِ اوچتو ئي ٻار ڄڻيو هجي.
7 سورن کائڻ کان اڳي هن ڄڻي وڌو؛ سورن اچڻ کان اڳي هن پٽ ڄڻيو.
هنن وڃي يسعياہ کي حزقياہ جو هي پيغام ڏيئي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ مصيبت، ملامت ۽ خواريءَ ڀريو ڏينهن آهي. اسان انهيءَ عورت مثل آهيون جيڪا ٻار ڄڻڻ واري آهي، پر ڪمزوريءَ سبب ڄڻي نہ ٿي سگھي.
اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.
جڏهن عورت ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آهي.
پر خدا جي حضوريءَ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماءُ سارہ آهي.