Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:5
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏس، اخي‌اب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“


پوءِ سافن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي.“ سافن اهو ڪتاب بادشاهہ جي اڳيان پڙهي ٻڌايو.


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


تڏهن اهي جيڪي بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي انهيءَ گناهہ جي ڪري مون وٽ اچي گڏ ٿيا. آءٌ شام جي قربانيءَ تائين پريشان رهيس.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


جيڪي نيڪيءَ جي عيوض بدي ٿا ڪن، سي منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن، ڇوجو آءٌ نيڪيءَ جي راهہ تي هلندو ٿو رهان.


جيڪو ڏاهن جي نصيحتن کي حقير ٿو ڄاڻي، سو نقصان ۾ ٿو وڃي، مگر جيڪو انهن کي مڃي مٿن عمل ٿو ڪري، سو فائدي ۾ ٿو وڃي.


منهنجي سانوري هجڻ جو ڪو خيال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اس منهنجو رنگ ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا ڀائر مون تي ڏمريل هئا، سو مون کي انگورن جي باغن جي سنڀال تي مقرر ڪري ڇڏيو هئائون. جنهن ڪري آءٌ پنهنجي رنگ روپ جي سنڀال ئي نہ ڪري سگھيس.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“


بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خوف وچان هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ ”اسين هي سڀ ڳالهيون ضرور بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.“


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.


ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


اسين هيءَ دعا انهيءَ لاءِ گھرندا آهيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏنل فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوهان ۾ عظيم ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ عزت ماڻيو.


ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن دنيا وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ