Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:24 - Muslim Sindhi Bible

24 جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:24
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو قومن جي عدالت ڪندو ۽ لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيندو. هو سڄي دنيا جي حاڪمن کي ماري مات ڪندو.


پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


تو کي تنهنجي شان وَ شوڪت ۽ تنهنجي واکاڻ ۾ وڄندڙ سارنگين سميت آڻي پاتال جي تري ۾ اڇلايو اٿن. هتي تہ ڪينئان ئي تنهنجو بسترو ٿيندا، ۽ ڪيڙا ئي تنهنجي چادر بڻبا.‘


ان وقت ڌرتي نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿڙندي ٿاٻڙندي، اها طوفان ۾ لڏندڙ جھوپڙيءَ وانگر هيڏي هوڏي لڏندي. سندس گناهن جو مٿس ايترو تہ ڳرو بار هوندو، جو اها اهڙي ڪرندي جو وري اُٿي نہ سگھندي.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


اهو رات ڏينهن ٽهڪندو رهندو، جنهن جو دونهون زماني جي آخر تائين پيو اٿندو رهندو. ادوم جو ملڪ پيڙهي بہ پيڙهي ويران رهندو، ۽ انهيءَ مان وري ڪوبہ سفر نہ ڪندو.


انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو.


پر بدڪارن بابت خداوند جو فرمان آهي تہ هنن لاءِ ڪا سلامتي ڪانهي.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا، جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي، جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي. پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملا ٿيون ڪن تن تي خداوند هي آفتون آڻيندو، جو بيٺي بيٺي سندن ماڻهن جو ماس ڳري ويندو، سندن اکيون سندن کانچن ۾ ڳري وينديون ۽ سندن زبانون سندن واتن ۾ ڳري سڙي وينديون.


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ