Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:22 - Muslim Sindhi Bible

22 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح نئون آسمان ۽ نئين زمين جيڪي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تهڙيءَ طرح اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 خداوند فرمائي ٿو، تہ جيئن نوان آسمان ۽ نئين زمين جي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تيئن اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها، هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر. آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر، سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس، ۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو، جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي. هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس، جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.


اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.


انهن جو اولاد قومن ۾ ايڏو تہ مشهور ٿيندو، جو جيڪو بہ انهن کي ڏسندو سو کين سڃاڻي چوندو تہ ’هي انهيءَ قوم وارا آهن، جنهن کي خداوند برڪت ڏني هئي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ هڪ نئين زمين ۽ نوان آسمان پيدا ٿو ڪريان. هائو، گذريل وقت جي هر ڳالهہ بلڪل وساري ويندي.


ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.


انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي ڪا موتمار آفت ايندي. آءٌ خداوند انهن تي ۽ سندن نسل تي برڪتون نازل ڪندو رهندس.


”جهڙيءَ طرح مون خداوند ڏينهن ۽ رات جو اڻٽٽ نظام قائم ڪيو آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي جو ڏينهن ۽ رات پنهنجي مقرر وقت تي نہ ٿين،


تهڙيءَ طرح اهو بہ ممڪن ناهي جو جيڪو عهد مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ٻڌو آهي سو ٽٽي پوي ۽ دائود جو ڪوبہ اولاد باقي نہ رهي جيڪو سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪري. ساڳيءَ طرح اهو بہ ناممڪن آهي جو منهنجو لاوين سان ٻڌل عهد ٽٽي سگھي ۽ منجھن ڪو ڪاهن نہ هجي جيڪو منهنجو خدمتگار ٿئي.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


جڏهن تہ اسين خدا جي واعدي ڪيل انهيءَ نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ