يسعياہ 66:19 - Muslim Sindhi Bible19 ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘