Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:17 - Muslim Sindhi Bible

17 انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 خداوند فرمائي ٿو تہ جيڪي پاڻ کي انهي لاءِ پاڪ صاف ٿا ڪن تہ باغن جي وچ ۾ وڃي ڪنهن جي پٺيان بيهي سوئر جو گوشت، ۽ ڪراهت جهڙيون شيون، ۽ ڪوئو کائين؛ سي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.


ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اهو غضب ۽ قهر جي ڀڙڪڻ وارو بي‌رحم ڏينهن هوندو، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ کي ويران ڪري ڇڏي، ۽ سڀني گنهگارن کي ناس ڪري ڇڏي.


تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“


زمين تي سرندڙ جيتن مان جيڪي اوهان جي لاءِ حرام آهن سي پنهنجي سڀني قسمن مطابق هي آهن: نور، ڪوئو، ڳوهہ،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ