Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو خداوند سڀني انسانن سان باهہ، ۽ پنهنجيءَ ترار سان حجت ڪندو: ۽ خداوند جا قتل ڪيل گهڻا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:16
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


خداوند مقدمو هلائڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي. هائو، هو قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي.


انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.


تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.


ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“


انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.


تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“


ڇو توهان جو حف نالي معبود هيٺ ڪري پيو آهي؟ ڇو توهان جو اهو زورآور بيهي ڪونہ سگھيو آهي؟ خداوند کيس چماٽ هڻي هيٺ ڪيرايو آهي.‘


تو پنهنجي گھڻي بدڪاريءَ ۽ واپار ۾ بي‌ايمانيءَ جي ڪري، پنهنجي مذهبي پاڪ جاين کي بہ پليت ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري مون تنهنجي شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جتي تنهنجو شهر اڏيل هو، تتي هر ڪنهن کي رڳو رک ئي رک ڏسڻ ۾ ٿي اچي.


گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون.


پوءِ خداوند خدا مون کي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ خداوند خدا پنهنجيءَ قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ باهہ کي موڪليو. جڏهن انهيءَ باهہ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو ۽ زمين کي بہ کائڻ لڳي


پر تڏهن بہ اُتي باهہ تو کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ تلوار تو کي ڪپي ڇڏيندي. تنهنجي لشڪر کي ائين کائي چٽ ڪيو ويندو، جيئن ماڪڙ کائيندي آهي. تون تہ ماڪڙ وانگر وڌي ويو آهين.


سوارن جو گھوڙن تي چڙهڻ، تلوارن جا چمڪاٽ ۽ نيزن جا تجلا، مئلن جا ڍير، بي‌شمار لاش، ۽ لاشن جي ڍيرن مٿان ماڻهو ٿاٻڙندا ٿا وتن.


تڏهن اوهان انهيءَ پوري ماٿريءَ منجھان لنگھي ٻاهر ڀڄي ويندا، جيڪا آضل ڳوٺ تائين وڃي نڪرندي. اوهين اتان ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي زماني ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا زلزلي کان ڀڄي نڪتا هئا. تڏهن خداوند منهنجو خدا ايندو ۽ سندس سڀ پاڪ هستيون بہ ساڻس گڏ هونديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ