Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا.


انهيءَ سبب جو مون کي شرم ٿي آيو تہ شهنشاهہ کان سپاهين ۽ گھوڙي سوارن جو ڪو دستو گھران تہ اهي رستي ۾ دشمنن کان اسان جي حفاظت ڪن. اهو انهيءَ ڪري جو اسان شهنشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا جا طالبو آهن تن سڀني تي خدا جو هٿ رهي ٿو، پر جيڪي کيس ڇڏي ٿا ڏين تن سڀني تي سندس غضب ٿو رهي.


پهرئين مهيني جي ٻارهين تاريخ تي يروشلم وڃڻ لاءِ اسين اهوا واهہ کان روانا ٿياسين. اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، سو انهيءَ اسان کي رستي تي دشمنن ۽ ڌاڙيلن کان بچائي رکيو.


سچار اهو ڏسي خوش ٿا ٿين، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي وڃي ٿو.


خوشيءَ جهڙي ڪا دوا ناهي، ۽ نااميديءَ جهڙي ڪا بيماري ناهي.


جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اهو ڄڻ اوهان لاءِ هڪ فائديمند دوا مثل ٿيندو، جيڪا اوهان جي زخمن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ اوهان جا دُک دور ڪري ڇڏيندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


اهي ڌرتيءَ جي ڇيڙي وارن ڏورانهن ملڪن مان اچن ٿا. هائو، خداوند پنهنجي غضب جي انهن هٿيارن کي آڻي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هو سڄي دنيا کي برباد ڪري ڇڏي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


اي منهنجي قوم وارؤ! پنهنجي گھرن اندر گھڙي وڃو، ۽ پٺيان دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي لڪايو، جيستائين خدا جي ڪاوڙ لهي وڃي.


ڏسو، خداوند خود پري کان ڏسڻ ۾ ايندو. سندس ڪاوڙ باهہ ۽ گھاٽي دونهين وانگر هوندي. هن جو ڳالهائڻ قهر جهڙو هوندو، هائو، سندس لفظ باهہ وانگر ساڙيندڙ هوندا.


صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.


ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.


پوءِ ماڻهو اهي ڏسي ڄاڻي وٺندا، هائو، اهي سڀيئي ويچار ڪري سمجھي وٺندا تہ اهو سڀ مون خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي هٿن جي ڪاريگري آهي.“


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو، تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو. هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو، پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.


جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


اسرائيل وارا جنگي جوڌا ٿيندا، ۽ انهن جون دليون مئي پيئندڙن وانگر خوش هونديون. اهي ڳالهيون ياد ڪري سندن اولاد بہ سرهو ٿيندو، ۽ سندن دليون بہ مون خداوند جا هئڻ ڪري خوش هونديون.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ