Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 66:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ سلامتيءَ کي نديءَ وانگي، ۽ قومن جي شوڪت کي اُٿلندڙ نهر وانگي وهائي هن وٽ آڻيندس، ۽ اوهين انهيءَ مان پيئندا؛ ۽ اوهين هنج ۾ کنيا ويندا، ۽ گوڏن تي راند ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 66:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گھڻيون ئي قومون بني اسرائيل کي خداوند جي ڏنل ملڪ ۾ موٽائي آڻڻ ۾ سندن مدد ڪنديون. پوءِ اهي قومون ٻانها ۽ ٻانهيون بڻجي سندن خدمت ڪنديون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل اڳ جن جا قيدي هئا تن کي قيد ڪندا ۽ انهن تي حڪمراني ڪندا جيڪي مٿن ظلم ڪندا هئا.


بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.


اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


هن ڪري جو تنهنجيون سرحدون چئني طرفن ڏانهن وڌي وينديون. هائو، تنهنجو نسل پنهنجا اهي علائقا واپس وٺندو، جيڪي ٻين قومن جي قبضي هيٺ آهن. تنهنجو نسل ويران شهرن کي وري آباد ڪندو.


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.


جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.


يروشلم جي وسندي اوهان جي ائين پالنا ڪندي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي ٿڃ پيئاري ڍءُ ڪرائيندي آهي. هائو، اوهين انهيءَ شهر جي خوشحاليءَ مان خوب لطف ماڻيندا، ايستائين جو اوهين اطمينان حاصل ڪريو.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


تنهن هوندي بہ ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ انهيءَ کي وري اڏيندس ۽ ان جي رهاڪن کي بحال ڪندس. آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي بخشيندس ۽ کين دائمي امن ۽ سلامتي عطا ڪندس.


اهڙيءَ طرح هيءَ نئين هيڪل اڳئين هيڪل کان وڌيڪ شاندار نظر ايندي. هتي آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي بخشيندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ