Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:9 - Muslim Sindhi Bible

9 منهنجا اهڙا چونڊيل ماڻهو منهنجي جابلو علائقي جا وارث ٿيندا. هائو، جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن سي ئي اتي آباد ٿيندا. آءٌ يهوداہ قبيلي وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل مان اهڙن ماڻهن کي گھڻي اولاد سان نوازيندس. هائو، آءٌ انهن کي پنهنجي ملڪ جو وارث بڻائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


اي صيئون جبل تي يروشلم ۾ رهندڙ قوم وارؤ! اڳتي اوهان کي ڪڏهن بہ روئڻو نہ پوندو. خداوند اوهان جي فرياد جو آواز ٻڌڻ سان ئي اچي اوهان تي رحم ڪندو. هائو، هو اوهان جي ٻڌندو ۽ هڪدم وراڻي ڏيندو.


هائو، تڏهن اسان جي قوم ڳڻتين کان آزاد ٿي ويندي، ۽ پنهنجي گھرن ۾ امن وَ سلامتيءَ ۽ آرام وَ آسائش جي زندگي گذاريندي.


مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“


بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا، تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت اچي اوهان کي بچائين. ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا، تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل، بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.


آءٌ اوهان کي هر قوم ۽ هر ملڪ منجھان ڪڍي موٽائي آڻي اوهان جي وطن ۾ آباد ڪندس.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل خدا جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ خدا سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي خدا جا پيارا آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ