يسعياہ 65:7 - Muslim Sindhi Bible7 هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.