Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:4 - Muslim Sindhi Bible

4 رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جا قبرن جي وچ ۾ ويهي ٿي، ۽ ڳجهين جاين ۾ راتيون ٿي گذاري؛ جا سوئر جو گوشت کائي ٿي، ۽ ڪراهت جهڙين شين جو تيوڻ سندس ٿانوَن ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“


هر سال اوهين پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻجو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ پچائجو.“


انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“


بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اهي اوڳارين نہ ٿا سي نہ کائجو، خاص طور سوئر.


آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا، هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو. منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا، سي مون خداوند جا هوندا، ۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا. هائو، عقرون شهر وارا بہ يبوسين وانگر منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.


”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهندو سو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.


پوءِ عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اهي ٻئي اهڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل هئا جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو هو.


جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


”اوهين ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائجو.


بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اوڳارين نہ ٿا سي بہ اوهان جي لاءِ حرام آهن، خاص طور سوئر. انهن جانورن جو نہ تہ گوشت کائجو ۽ نہ وري سندن مڙهن کي هٿ لائجو.


يا جيڪو منتر پڙهي، مئلن جي روحن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري ۽ ساڻن صلاح مشورو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ