Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اها هڪ اهڙي بي‌شرم قوم آهي، جيڪا هر وقت مون کي چڙ ڏياريندي ٿي رهي. اهي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ قربانيون ٿا پيش ڪن، ۽ بتن جي قربان‌گاهن تي لوبان ٿا ساڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير معبودن اڳيان قربانيون پيش ڪيون اٿن ۽ پنهنجن اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، انهيءَ ڪري منهنجي ڪاوڙ يروشلم تي ڀڙڪي آهي جيڪا هرگز جھڪي نہ ٿيندي.‘


پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگھيري وٽس جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ کانئس کسي وٺ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگھيري سندس جان کي نقصان پهچاءِ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


اي يروشلم وارؤ! اوهين نهايت خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان شاهہ‌بلوط وڻن کي خوشيءَ سان پئي پوڄيو آهي، ۽ ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


بيشڪ يروشلم جا حالات خراب ٿي ويا آهن، بلڪ سڄو يهوداہ سخت بدحاليءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اتي جي رهاڪن جو ڳالهائڻ، ۽ سندن چال چلت خداوند جي خلاف آهي. هائو، هنن عظمت واري خداوند کان بغاوت ڪئي آهي.


انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.


انهيءَ حڪم جو مقصد هي آهي تہ بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي پنهنجي قربانين جا جانور کُليل ميدان ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪن ٿا، سي هاڻي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي، مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ آڻين ۽ انهن کي سلامتيءَ جي قربانيءَ طور اتي ذبح ڪن.


ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ