Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:25 - Muslim Sindhi Bible

25 بگھڙ ۽ گھيٽو گڏ چرندا، شينهن ڍڳي وانگر گاهہ کائيندو، ۽ نانگ بہ بي‌ضرر هوندو، ۽ سندس گذران رڳو مٽيءَ تي هوندو. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي اهي ڪنهن کي بہ نہ ڪو نقصان رسائيندا، ۽ نہ وري برباد ڪندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:25
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ اهي تو تي ڪو حملو ڪين ڪندا. جيڪا ٻني تون کيڙيندين سا پٿرن کان صاف هوندي.


خداوند قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، هائو، هو قومن جا جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا.


تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس، ۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس. انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون، بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون، ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


اهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڀني قومن منجھان موٽائي مون خداوند لاءِ هڪ سوکڙيءَ طور آڻيندا. اهي کين منهنجي پاڪ جبل تي يروشلم ۾ گھوڙن تي، گاڏين ۾، ڏولين ۾، خچرن تي ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي اهڙيءَ طرح آڻيندا، جهڙيءَ طرح بني اسرائيل پاڪ ٿانون ۾ پنهنجيون اناج جون قربانيون کڻي منهنجي هيڪل ۾ آڻيندا آهن.


پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿين، تڏهن کين هيڪل جو نقشو سمجھاءِ. انهيءَ جي ترتيب، انهيءَ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا لنگھہ ۽ انهيءَ جي پوري شڪل، هر ڪنهن شيءِ جي انتظام ۽ هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قاعدن قانونن بابت انهن کي سمجھاءِ. انهن سڀني ڳالهين جو نقشو ٺاهي انهن جي آڏو رک تہ جيئن اهي پوري انتظام کي سمجھي سگھن ۽ منهنجي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪن.


هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“


خداوند ويجھين توڙي پري وارين زورآور قومن جي وچ ۾ عدالت ڪري سندن جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


اهي پنهنجن مضبوط قلعن منجھان مٽيءَ ۾ سرندڙ نانگن ۽ جيتن وانگر ڏڪندي ۽ ڊڄندي ٻاهر نڪري ايندا. هائو، اهي خوف وچان ڏڪندي تو خداوند اسان جي خدا جا اچي تابعدار ٿيندا.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


هوڏانهن سائول اڃا تائين خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو


تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


جڏهن تہ اسين خدا جي واعدي ڪيل انهيءَ نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ