Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

متُوشلح نو سؤ اوڻهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


آدم نو سؤ ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.


آءٌ کين وڏي ڄمار عطا ڪندس، ۽ هو ڏسندا تہ مون کي بچائڻ جي ڪيڏي نہ قدرت آهي.“


خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.


بلڪ جن اهو اناج گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ مون خداوند جي واکاڻ ڪندا، ۽ جن اها مئي گڏ ڪئي آهي، سي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي اڱڻ ۾ اها پيئندا.“


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


منهنجا اهڙا چونڊيل ماڻهو منهنجي جابلو علائقي جا وارث ٿيندا. هائو، جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن سي ئي اتي آباد ٿيندا. آءٌ يهوداہ قبيلي وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل مان اهڙن ماڻهن کي گھڻي اولاد سان نوازيندس. هائو، آءٌ انهن کي پنهنجي ملڪ جو وارث بڻائيندس.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح نئون آسمان ۽ نئين زمين جيڪي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تهڙيءَ طرح اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.


تہ آءٌ اوهان سان هيئن ڪندس جو اوهان تي دهشت ۽ اهڙيون بيماريون ۽ تپ نازل ڪندس، جيڪي اوهان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندا. اوهان جو ٻج پوکڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو فصل اوهان جا دشمن کائيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ