Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون وڏي عمر ماڻي پوءِ وڃي قبر ۾ پوندين، هائو، ائين ئي جيئن ان جا گڏا پنهنجي پوري وقت تي گڏ ڪبا آهن.


اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ آهي، جيڪو حياتيءَ جي خواهش نہ رکندو هجي. هائو، هر ڪو ماڻهو وڏي عمر ٿو چاهي، تان‌تہ هو پنهنجي حياتيءَ جو مزو ماڻي سگھي.


تڏهن قادرِمطلق خداوند پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي مون کي فرمايو تہ ”يقيناً جيستائين هي جيئرا آهن، تيستائين هنن جون اهي بڇڙايون هرگز معاف نہ ڪيون وينديون. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


تڏهن يروشلم ۾ امن وَ سلامتي هوندي ۽ شهر جي هر گھٽيءَ ۾ جھُور پوڙها مرد ۽ عورتون پنهنجي ٻڍاپي جي ڪري پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيو گھمندا ڦرندا ۽ ويٺا ڏسڻ ۾ ايندا


سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ