يسعياہ 65:16 - Muslim Sindhi Bible16 پوءِ سندن ملڪ ۾ جيڪو بہ پنهنجي لاءِ برڪت گھرندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان گھرندو. هائو، اتي جيڪو بہ قسم کڻندو، سو مون سچي خدا جي نالي سان کڻندو. اڳيون مصيبتون آءٌ ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان کان اهي وسري وينديون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 جنهن ڪري زمين تي جيڪو پاڻ لاءِ برڪت گهرندو، سو سچي خدا جي نالي پاڻ لاءِ برڪت گهرندو؛ ۽ جيڪو زمين تي قسم کڻندو، سو سچي خدا جي نالي قسم کڻندو؛ ڇالاءِ جو اڳوڻيون تڪليفون وسري ويون آهن. ۽ اهي منهنجين اکين کان لڪل آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.
مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.