يسعياہ 65:13 - Muslim Sindhi Bible13 تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڏسو، جيڪي منهنجي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا، سي جھجھو کائيندا ۽ پيئندا، پر اي فسادي! اوهين بکيا ۽ اڃيا رهندا. هائو، منهنجا اهي ٻانها خوشيون ملهائيندا، پر اوهين خوار خراب ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.