يسعياہ 65:10 - Muslim Sindhi Bible10 منهنجي قوم مان جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن، تن جي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن لاءِ اولهہ ۾ شارون جو ميدان، ۽ اوڀر ۾ عڪور جي وادي چراگاهہ بڻبي، جتي اهي چرندا ۽ آرام ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بياولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بيشمار نسل پيدا ٿيو.