Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 65:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جن مون کي نٿي گهريو سي منهنجي پڇا ٿا ڪن؛ جن مون کي نٿي ڳوليو، تن مون کي لڌو آهي: جا قوم منهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ نٿي آئي، تنهن کي مون چيو تہ مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن نهار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 65:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تہ مون کي ڏسي سڏ ڪيائين. مون ورندي ڏيئي چيومانس تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.‘


سڄو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهس ڦرندو. هائو، سڀيئي قومون انهيءَ جي آڏو سجدو ڪنديون.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


اي يروشلم وارؤ! مٿاهين جبل تي چڙهي وڃي خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. هائو، اي صيئون وارؤ! وڏي آواز سان پڪاري خوشخبريءَ جو اعلان ڪريو. بلند آواز سان پڪاريو، ڊڄو نہ. يهوداہ جي شهرن کي ٻڌايو تہ ”اِجھو، اوهان جو خدا اچي رهيو آهي.“


مون خداوند ئي سڀ کان پهريائين صيئون کي خوشخبري ڏني هئي. هائو، مون ئي يروشلم ڏانهن بشارت ڏيندڙ موڪليو هو تہ ’ڏسو، اوهان جا جلاوطن ٿيل موٽي وطن اچي رهيا آهن.‘


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


ڏسو، جيڪي غير قومون اوهان کي ڪا اهميت نہ ڏينديون هيون، تن کي هاڻي اوهين سڏيندا تہ اهي مون خداوند اوهان جي خدا، يعني بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري اوهان وٽ ڊوڙنديون اينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي عظمت ۽ شان عطا ڪندس.“


تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


عيسيٰ جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن کي آءٌ ملي ويس. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون ڏيکاري ڏني.“


ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ