Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 64:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سو اي خداوند! ڏس، اسين سڀ تنهنجي ئي قوم آهيون، اسين تو کي رحم لاءِ منٿ ٿا ڪريون. اسان تي ايڏي وڏي ڪاوڙ نہ ڪر، نہ ئي اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 64:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


اي خداوند! مون کي اچي بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي آهيان، ۽ هميشہ تنهنجي قاعدن قانونن جو طالبو رهيو آهيان.


اي خداوند! پنهنجي ڪاوڙ ۾ مون کي ڇينڀڻ بند ڪر، هائو، پنهنجي غصي ۾ مون کي سيکت ڏيڻ کان درگذر ڪر.


اي خداوند! تون پنهنجي غضب سان مون کي ڇينڀ نہ ڪڍ، نڪي وري پنهنجي قهر وَ غضب سان مون کي ڪا سيکت ڏي.


تڏهن اسين جيڪي تنهنجي قوم، ۽ تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، سي سدائين تنهنجو شڪرانو ادا ڪندا رهنداسين، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجيون تعريفون ڪندا رهنداسين.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


خداوند يروشلم جي وسنديءَ کي فرمائي ٿو تہ ”غير قوم وارا ماڻهو تنهنجيون ڀتيون وري اڏيندا، ۽ سندن بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا. جيتوڻيڪ مون ڪاوڙ ۾ تو کي سزا ڏني، تہ بہ هاڻي پنهنجي ٻاجھہ سبب آءٌ تو تي رحم ڪندس.


تنهنجي مقدس هيڪل اسان جي هٿ هيٺ هئي، پر ائين ٿو لڳي ڄڻ اها گھڙي پلڪ لاءِ هئي، تنهن کان پوءِ اسان جي دشمنن اسان کي اتان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هاڻي انهن دشمنن انهيءَ کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.


تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.


خداوند فرمايو تہ ”بيشڪ اهي منهنجي قوم، يعني منهنجا اهڙا ٻار آهن، جيڪي مون سان بي‌وفائي نہ ڪندا.“ سو خداوند سندن بچائيندڙ بڻيو،


اي خداوند! جيتري سيکت جا اسين لائق آهيون سا ڀلي ڏي، پر پنهنجي ڪاوڙ سان نہ، متان اسين ناس ٿي وڃون.


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


”ڇا خداوند کي اهي قربانيون ياد ناهن جيڪي اوهين، اوهان جا ابا ڏاڏا، اوهان جا بادشاهہ، اوهان جا عملدار بلڪ اوهان جا سڀيئي ماڻهو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پيش ڪندا هئا؟ ڇا اهي خداوند کان وسري ويون آهن؟


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.


پوءِ تو اسان کي هيتري وقت کان ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو تو وڏي عرصي کان اسان کي ڇڏي ڏنو آهي؟


ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟


بني اسرائيل وري ڪڏهن بہ انهن تي نہ ڀاڙيندا. حقيقت ۾ جڏهن اهي ياد ڪندا تہ مصرين سان ڇا ڇا وهيو واپريو، تڏهن مڃيندا تہ هنن مصرين ڏانهن مدد لاءِ واجھائي وڏي بڇڙائي ڪئي هئي. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِ‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“


اهي ماڻهو اهڙا چشما آهن، جن جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اهي اهڙو ڪوهيڙو آهن، جنهن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي،


پوءِ ابليس جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ