Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 64:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهن بدڪارين جي ڪري تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، بلڪ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو اٿيئي. هاڻ ڪوبہ اهڙو ڪونهي، جيڪو تنهنجو نالو وٺي تو کان دعا گھري، نہ ئي ڪو اهڙو آهي جيڪو تنهنجي عبادت ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 64:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا! ياد ڪر تو ئي تہ مون کي چيڪي مٽيءَ مان بڻايو هو، ڇا انهيءَ لاءِ تہ مون کي وري خاڪ ۾ ليٿڙائيندو رهين؟


جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي.


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا انهن سڀني بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کايو وڃن جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خداوند جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“


مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن منهنجي قوم کي اهي نقصان ڏيندڙ مون وٽ امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ چاهين، تہ پوءِ منهنجي طاقت جي پناهہ ۾ اچڻ لاءِ پهريائين مون سان صلح ڪن.“


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو. پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.


خداوند اهڙن ماڻهن لاءِ هيئن ٿو فرمائي تہ ”جيڪي بہ اهڙا ماڻهو منهنجي سبت وارا ڏينهن ملهائين ٿا، منهنجي پسند واريون ڳالهيون اختيار ڪن ٿا، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


بلڪ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، تہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن مظلومن جي مدد ڪري. تڏهن ارادو ڪيائين تہ هو پنهنجي زورآور هٿ سان انهن کي بچائيندو، ۽ پنهنجي سچائيءَ مطابق کين سوڀ ڏياريندو.


بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


تون اسان جو پيءُ آهين. توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن، سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا، پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين، اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.


سو قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي ڌاتوءَ وانگر پگھاريندس، هائو، آءٌ پنهنجي بڇڙي قوم کي سيکت ڏيندس، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.


مون انهن منجھہ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي گھڻي ڳولا ڪئي، جيڪو ڪوٽ جي مرمت ڪري يعني اهو کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار ڪري يا وري ڀڳل ٽٽل ڀت تي کڻي بيهي يعني اهو مون خداوند آڏو پڪاري تہ جيئن منهنجي قوم منهنجي ايندڙ غضب کان محفوظ رهي سگھي ۽ برباد نہ ٿئي، پر مون کي منجھن اهڙو ڪوبہ نہ مليو.


پوءِ آءٌ انهيءَ ديڳڙي کي اڃا بہ ٽانڊن تي رکي ڇڏيندس، تہ جيئن اهو وڌيڪ گرم ٿئي ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ گندگي پگھرجي سڙي کپي وڃي.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


هو مون کي دل سان نہ ٿا پڪارين، بلڪ بتن آڏو بہ روئن رڙن ٿا، اناج ۽ مئي جي لاءِ بتن کان دعا گھرندي هو پنهنجي بدن کي زخم بہ رسائين ٿا. هائو، اهي مون کان صفا باغي ٿي ويا آهن.


انهن سڀني جي دلين ۾ سازش تنور جي باهہ جيان ڀڙڪي ٿي، ۽ پنهنجي سازشن وسيلي حاڪمن کي ساڙيو ٿا ڇڏين. وقتاً فوقتاً هنن جا سڀ حاڪم ۽ بادشاهہ سازشن وسيلي ماريا ويا آهن، ۽ ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو آهي جيڪو مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاري.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘


ڇا مون ملاڪيءَ جو ۽ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ ناهي؟ ڇا هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي پيدا نہ ڪيو آهي؟ پوءِ ڇو اسين هڪٻئي سان دغا ڪري پنهنجي ابن ڏاڏن جي عهد جي بي‌حرمتي ٿا ڪريون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ