Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اي خداوند! تنهنجو لباس ڳاڙهو ڇو آهي؟ ۽ تنهنجا ڪپڙا انهيءَ ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن، جيڪو انگورن کي چيچڙي ۾ لتاڙيندو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهنجي پوشاڪ ڇو ڳاڙهي آهي، ۽ تنهنجا ڪپڙا انهي ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن جو انگور جو حوض ۾ لتاڙيندو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد جي انگورن جون عمديون وليون ايتريون تہ جھجھيون ٿينديون، جو اهي لاپرواهيءَ سان پنهنجا بکايل گڏهہ انهن ولين سان ٻڌي ڇڏيندا. بلڪ وٽن انگورن جي ڳاڙهي رس ايتري تہ جھجھي هوندي، جو اهي پنهنجو لباس انهيءَ سان ڌوئي ڇڏيندا.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“


تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان جو اهو ڏوهہ قتلام ڪندڙن جي ڏوهہ ۾ ليکيو ويو آهي، سو اوهين بہ خون جا ئي سزاوار ٿيندا. هائو، خوني اوهان جي پٺيان پوندا جنهنڪري اوهان جو بہ خون وهايو ويندو.


انهيءَ ملائڪ پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو خدا جي غضب جو حوض آهي.


هن جي پوشاڪ رت سان ڀريل آهي ۽ سندس سڃاڻپ ”خدا جو ڪلام“ آهي.


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ