Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:15
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


اي خداوند! تون جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهين، هائو، آءٌ تو ڏانهن ئي پنهنجيون اکيون کنيو نهاريان ٿو.


اي خداوند! تون پنهنجيون رحمتون ۽ شفقتون ياد ڪر، جيڪي تون ازل کان ڏيکاريندو رهيو آهين.


هو پنهنجي تخت واريءَ جاءِ تان هيٺ نهاري ٿو. هائو، هو ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن کي نهاري ٿو ڏسي.


خدا، جيڪو پنهنجيءَ پاڪ جاءِ اندر رهي ٿو، سو يتيمن جو پيءُ ۽ رنن‌زالن جو ڀرجھلو آهي.


پوءِ مون اهو سمجھيو تہ منهنجي ڏک جو سبب هي آهي، جو خدا تعاليٰ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.


اي قادرِمطلق خدا! اسان کي اچي بچاءِ. اسين تو کي عرض ٿا ڪريون تہ عرش عظيم تان هيٺ نهاري ڏس، ۽ اسين جيڪي انگورن جي ول مثل آهيون، تن تي پنهنجي مهر جي نظر ڪر.


هائو، انهيءَ ول تي پنهنجو رحم ڪر، جيڪا تنهنجي زورآور هٿ لڳائي آهي. يعني پنهنجي انهيءَ قوم تي ٻاجھہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجي لاءِ وڌائي مضبوط ڪيو آهي.


اي پروردگار! تنهنجي اها شفقت ڪٿي آهي، جيڪا پهريائين هئي؟ جنهن بابت تو دائود سان پنهنجي وفا جو قسم کنيو هو.


تنهنڪري قيرحارست شهر بلڪ سڄي موآب جي لاءِ غم وچان آءٌ ائين آهون ۽ دانهون ٿو ڪريان، ڄڻڪ منهنجي اندر ۾ سُرندو پيو وڄي.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


تڏهن يروشلم، هائو، صيئون جبل ۾ باقي بچي ويل نڪري نروار ٿيندا. قادرِمطلق خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندي.


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


سو خداوند وراڻيو تہ ”ڇا ائين ٿي سگھي ٿو تہ ڪا ماءُ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي وساري ڇڏي، ۽ پنهنجي پيٽان ڄڻيل ٻچي تي ترس نہ کائي؟ توڙي جو ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي وساري بہ ڇڏي، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي ڪڏهن ڪين وساريندس.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


اي خداوند! اهي سڀ ڳالهيون ڏسڻ جي باوجود بہ تون ڪجھہ نہ ڪندين ڇا؟ ڇا تون ماٺ ڪيو ويٺو رهندين، ۽ اسان جي سهڻ کان وڌيڪ اسان کي مصيبت ۾ پيو وجھندين؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيستائين تون خداوند عرش عظيم کان هيٺ نهاري اسان جي مدد ڪرين.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


تڏهن خداوند پنهنجي ملڪ بابت ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو، ۽ هن پنهنجي قوم تي رحم ڪري


بيشڪ اسان جو خدا نهايت رحيم آهي. هو عرش عظيم واري صبح جي روشني اسان تي نازل ڪندو،


تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“


هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،


جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ