Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 63:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو، جهڙو سرسبز ماٿريءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو جهڙو واديءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي: اهڙيءَ طرح تو پنهنجيءَ اُمت جي سونهپ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ تون پنهنجو نالو جلال وارو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 63:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


هاڻ اي اسان جا خدا! اسين تنهنجو شڪر ڪريون ٿا ۽ تنهنجي عظمت واري نالي جي واکاڻ ڪريون ٿا.


پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


تو مصر ۾ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڏيکاريا، بلڪ اڄ ڏينهن تائين تو بني اسرائيل ۾ توڙي سڄي انسانذات ۾ معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم جاري رکيا آهن. تو نالو ڪمايو آهي جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


جڏهن آءٌ اوهان جي وڏن کي مصر مان ڪڍي آيو هئس، تڏهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو تہ آءٌ انهن سان هميشہ گڏ هوندس. هاڻي آءٌ اوهان سان بہ گڏ آهيان سو اوهين همت نہ هاريو.


پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي،


مطلب تہ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا ۽ خداوند جي ئي حڪم تي هو منزل کڻي روانا ٿيندا هئا. خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي معرفت کين ملندو هو سو هو مڃيندا هئا.


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


خدا چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس عظمت جي واکاڻ جو سبب ٿيون.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


تيئن خداوند ئي هو جنهن پنهنجي قوم جي رهبري ڪئي، ساڻس ٻيئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود جي مدد شامل نہ هئي.


خداوند هنن کي هر طرف کان آرام ڏنو، جيئن هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. سندن سڀني دشمنن مان ڪو هڪڙو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگھيو، ڇو تہ خداوند کين سندن سڀني دشمنن تي فتح ڏني.


خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.


گھڻو عرصو گذري چڪو هو ۽ خداوند بني اسرائيل کي آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. تنهن وقت ڌاري يشوع پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ