Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 62:8 - Muslim Sindhi Bible

8 خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 62:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.


جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس، نڪي تو کي سزا ڏيندس.


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


بلڪ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، تہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن مظلومن جي مدد ڪري. تڏهن ارادو ڪيائين تہ هو پنهنجي زورآور هٿ سان انهن کي بچائيندو، ۽ پنهنجي سچائيءَ مطابق کين سوڀ ڏياريندو.


اوهين وري سامريہ جي جبلن تي انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، هاري انهن کي پوکيندا ۽ انهن جو ميوو کائيندا.


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس.


تہ آءٌ اوهان سان هيئن ڪندس جو اوهان تي دهشت ۽ اهڙيون بيماريون ۽ تپ نازل ڪندس، جيڪي اوهان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندا. اوهان جو ٻج پوکڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو فصل اوهان جا دشمن کائيندا.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.


اوهين جنهن ڇوڪريءَ سان مڱڻو ڪندا، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو. اوهين گھر جوڙيندا پر انهيءَ ۾ رهندا ڪين. اوهين انگورن جو باغ لڳائيندا پر انهيءَ جي ميوي جو مزو نہ چکندا.


اوهان جو ڏاند اوهان جي اکين اڳيان ڪٺو ويندو، پر اوهين انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کائيندا. اوهان جو گڏهہ اوهان کان زوريءَ کسيو ويندو ۽ اوهان کي موٽي نہ ملندو. اوهان جون رڍون اوهان جي دشمنن کي ڏنيون وينديون ۽ ڪوبہ اوهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوندو.


اوهان جي زمين جي پيداوار ۽ اوهان جي محنت جي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي، جنهن کي اوهين سڃاڻيندا بہ ڪونہ هوندا. اوهين سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندا،


آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ