Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 62:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تون اڳتي ”ڇڏي ڏنل“ نہ سڏبينءَ، نڪي تنهنجي ملڪ کي ”ويرانو“ سڏبو، بلڪ تو کي ”خداوند جي خوشي،“ ۽ تنهنجي ملڪ جي زمين کي ”مڙس واري“ سڏيو ويندو. انهيءَ سبب جو خداوند تو مان خوش آهي، سو تنهنجي ملڪ کي خداوند پنهنجي ڪنوار سڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 62:4
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو.


جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي.


پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ ”خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“


اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.


بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.


تنهنجي سرزمين تي وري ظلم، ۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، نڪي تنهنجي سرحدن ۾ تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي. پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو، ۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


تڏهن تنهنجي اها خوشحالي ڏسي قومن ۽ بادشاهن تي تنهنجي شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندي. تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جيڪو خداوند پاڻ تو تي رکندو.


تنهنجا رهاڪو ملڪ کي اهڙيءَ طرح پنهنجو ڪندا، جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪنوار بڻائيندو آهي. جيئن ڪو گھوٽ پنهنجي ڪنوار سان خوش هوندو آهي، تيئن ئي تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


آءٌ پاڻ بہ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي قوم جي ڪري شادمان ٿيندس. هن کان پوءِ انهيءَ ۾ روئڻ ۽ فرياد ڪرڻ جو آواز وري ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


تڏهن هر ڪو ڏسي چوندو تہ ’واہ! جيڪا زمين ويران هئي، سا هاڻي ڪيئن نہ عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪي شهر اجڙيل، ويران ۽ ناس ٿيل هئا، سي هاڻي ڪيئن نہ ڪوٽن وارا ۽ آباد شهر ٿي ويا آهن.‘


انهيءَ ڏينهن آءٌ تو يزرعيل جون گھريل دعائون ٻڌندس، هائو، آءٌ آسمان کي حڪم ڪندس، تہ اهو زمين تي برسات جو وسڪارو ڪري. تڏهن زمين اناج، انگورن ۽ زيتونن جو جھجھو فصل اُپائيندي.


خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي، هو سوڀ ڏيڻ جي وڏي سگھہ رکي ٿو. هو تو مان گھڻو شادمان ۽ خوش ٿيندو، هو پنهنجي محبت وچان تو کي وري بحال ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.“


سموريون قومون اوهان کي نيڪ‌بخت سڏينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهان جو ملڪ هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندو.“


گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.


خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سموري ڪاروبار، اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. خداوند جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن تي راضي هو، تيئن هو اوهان تي وري راضي ٿيندو ۽ اوهان سان ڀلائي ڪندو.


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ