Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 62:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 62:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي سي ائين چوندا رهو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي دشمنن هٿان ڇڏايو آهي.


پر اوهين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيلن جي هڪ بادشاهت ۽ منهنجي لاءِ وقف ٿيل قوم ٿيندا.‘ اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.“


اي يروشلم شهر! تون تڏهن بچي ويندين، جڏهن تو ۾ انصاف پيدا ٿيندو. هائو، جڏهن تو ۾ رهندڙ ماڻهو گناهن کان باز ايندا، تڏهن اهي پنهنجي سچائيءَ جي ڪري بچي ويندا.


اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا.


صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.


جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سمنڊ کي، هائو، اونهي بحر جي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيو هو؟ تو سمنڊ جي تري کي رستو بڻائي ڇڏيو هو، انهيءَ لاءِ تہ جن کي تو ڇڏايو هو سي پار لنگھي وڃن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اوهين غلام بڻايا ويا هئا، تڏهن مفت وڪاڻا هئا، سو هاڻي ڇڏايا بہ بنا پئسن ويندا.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


تڏهن تنهنجي اها خوشحالي ڏسي قومن ۽ بادشاهن تي تنهنجي شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندي. تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جيڪو خداوند پاڻ تو تي رکندو.


تون اڳتي ”ڇڏي ڏنل“ نہ سڏبينءَ، نڪي تنهنجي ملڪ کي ”ويرانو“ سڏبو، بلڪ تو کي ”خداوند جي خوشي،“ ۽ تنهنجي ملڪ جي زمين کي ”مڙس واري“ سڏيو ويندو. انهيءَ سبب جو خداوند تو مان خوش آهي، سو تنهنجي ملڪ کي خداوند پنهنجي ڪنوار سڏيندو.


تنهنجي مقدس هيڪل اسان جي هٿ هيٺ هئي، پر ائين ٿو لڳي ڄڻ اها گھڙي پلڪ لاءِ هئي، تنهن کان پوءِ اسان جي دشمنن اسان کي اتان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هاڻي انهن دشمنن انهيءَ کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘


آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“


منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي پيءُ جي عبادت ڪندا. هائو، پيءُ بہ چاهي ٿو تہ اهڙا عبادت ڪندڙ هجن.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ