Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 62:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي يروشلم جي وسندي! تنهنجي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس. هائو، تنهنجي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيستائين تنهنجي خوشحالي روشنيءَ وانگر ظاهر نہ ٿيندي، ۽ تنهنجي بحالي روشن مشعل وانگر ڏسڻ ۾ نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 صيون جي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس، ۽ يروشلم جي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيسين ڪ هن جي راستبازي روشنائيءَ وانگي ظاهر نہ ٿيندي، ۽ هن جي نجات ٻرندڙ ڏيئي وانگي نہ ڏسبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 62:1
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آءٌ تو کي ياد نہ ڪريان، ۽ تو کي پنهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ نہ سمجھان، تہ پوءِ منهنجي هيءَ زبان ڀلي منهنجي تارونءَ کي چنبڙي پوي.


اي خدا! پنهنجي ڪرم سان صيئون کي خوشحال ڪر، ۽ سندس ڪوٽ کي نئين سر تعمير ڪر.


بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.


شهر جا دروازا کوليو، تہ جيئن اهي ماڻهو اندر اچن، جيڪي خدا سان وفادار آهن، ۽ حق جي راهہ تي قائم ٿا رهن.


آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون. ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي، ۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.


تڏهن منهنجو راضپو اوهان جي مٿان سج جي ڪرڻن وانگر چمڪڻ لڳندو، ۽ جلد ئي اوهان جا هر طرح جا لاڳاپا بحال ٿي ويندا. اوهان کي بچائڻ لاءِ آءٌ هميشہ اوهان سان گڏ هوندس، ۽ منهنجي موجودگي هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندي.


اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي. هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.


ڏس، هيءَ ڌرتي ۽ ٻيون قومون اونداهيءَ سان ڍڪجي وينديون، مگر تو تي خداوند جو نور چمڪڻ لڳندو. سندس موجودگيءَ جي تجلي تو مٿان هوندي.


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


انهيءَ ڏينهن خداوند پنهنجي پاڪ ملڪ مان وري بني يهوداہ واري حصي کي پنهنجي ميراث قرار ڏيندو ۽ يروشلم کي وري پنهنجو شهر ڪري قبول فرمائيندو.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ بہ دعا گھرو تہ اسان جي وسيلي خداوند عيسيٰ بابت پيغام جلد ڦهلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوهان منجھہ آهي.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ