Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 61:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر اوهين خداوند جا ڪاهن سڏبا: ماڻهو اوهان کي اسان جي خدا جا خادم سڏيندا: اوهين قومن جي دولت کائيندا، ۽ انهن جو شان حاصل ڪري اوهين فخر ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 61:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيلن جي هڪ بادشاهت ۽ منهنجي لاءِ وقف ٿيل قوم ٿيندا.‘ اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.“


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


هن ڪري جو تنهنجيون سرحدون چئني طرفن ڏانهن وڌي وينديون. هائو، تنهنجو نسل پنهنجا اهي علائقا واپس وٺندو، جيڪي ٻين قومن جي قبضي هيٺ آهن. تنهنجو نسل ويران شهرن کي وري آباد ڪندو.


جيڪي بہ غير قوم وارا مون خداوند جي قوم سان شامل ٿي وڃن ٿا، منهنجي بندگي ڪن ٿا، منهنجي نالي سان محبت رکن ٿا، منهنجا ٻانها ٿي رهن ٿا، ۽ جيڪي سبت جو ڏينهن ملهائين ٿا، ۽ انهيءَ جي بي‌حرمتي نہ ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.


آءٌ خداوند انهن موٽي آيلن مان ڪن کي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.“


نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“


آءٌ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ڪندس تہ جيئن اوهين بني اسرائيل اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃو ۽ نہ وري پنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري پليت ٿيو. سو مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تڏهن اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ خدمتگار آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي ايمان آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آهي.


سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي خدا جا خادم ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان،


هنن کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ ٻي ڪابہ ميراث ڪونہ ملندي، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ميراث آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.


تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي خدا جي خدمت ڪري. اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ