Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ڏس، اي يروشلم جي وسندي! اهي ڇا آهن، جيڪي تو ڏانهن ائين ٿا اچن جيئن بادل هوا ۾ ترندا اچن؟ هائو، جيئن ڪبوتر پنهنجي واهيري ڏانهن اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


تڏهن تون خوش ٿي پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ’هيترا سارا ٻار مون لاءِ ڪيئن پيدا ٿيا؟ جڏهن تہ آءٌ بي‌اولاد، سنڍ، جلاوطن ۽ قيدي هئس، پوءِ ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏسو، آءٌ تہ بلڪل اڪيلي ڇڏي ويئي هئس، پوءِ هي سڀ ڪٿان آيا؟‘“


پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار، تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن. ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن، ۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي، تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.


اهي مصر مان بہ ائين ڊوڙندا ايندا، جيئن پکي اڏامندا ايندا آهن، هائو، اهي اشور ملڪ مان پڻ پنهنجن گھرن ڏانهن ائين ايندا، جيئن ڪبوتر پنهنجن کُڏن ڏانهن ايندا آهن، پوءِ آءٌ کين سندن گھرن ۾ وري آباد ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ان کان علاوہ اوڀر ۽ اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ کان غير قومن وارا ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاهيءَ واري دعوت ۾ شريڪ ٿيندا.


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ