يسعياہ 60:6 - Muslim Sindhi Bible6 اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن شبا جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان جي ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي، تڏهن هوءَ ڪجھہ ڏکيا سوال کڻي سليمان کي آزمائڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. هن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوڪر چاڪر هئا ۽ ساڻس گڏ مصالحن، گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان لڏيل اٺ پڻ هئا. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.