Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهن سڀني کي تون پاڻ وٽ ڏسي بيحد خوش ٿيندينءَ، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي. قومن جي دولت پڻ تو وٽ آندي ويندي، هائو، سمنڊ رستي خزانا تو ڏانهن ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن جيئن تون پنهنجي حڪمن جي سمجھہ وڌائيندين، تيئن تيئن آءٌ تنهنجي راهہ تي تيزيءَ سان ڊوڙندس.


جيڪي هن تي توڪل ٿا رکن سي سوجھرو حاصل ڪن ٿا، ۽ انهن جا منهن ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ڏسندا.


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


جيئن ماڻهو اولاد جي وڌڻ ڪري پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ٿا ڪن، انهيءَ جا رسا ڊگھا ٿا ڪن ۽ انهيءَ جا ڪِلا مضبوط ٿا ڪن، تيئن ئي تون بہ ڍرائي نہ ڪر. هائو، پنهنجي آباديءَ جي حدن کي وڌائي ڇڏ.


هاڻي ڏينهن رات تنهنجا دروازا کُليل رهندا، بند ڪڏهن نہ ٿيندا. انهيءَ لاءِ تہ قومن جي دولت تو وٽ آندي وڃي، ۽ انهيءَ سان گڏ سندن بادشاهہ اچي حاضري ڀرين.


جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ يروشلم ۾ هميشہ واري خوشحالي نديءَ وانگر وهائيندس، ۽ قومن جي دولت کي ٽمٽار نهر وانگر اوهان ڏانهن وهائيندس، جيڪا ڪڏهن بہ نہ سڪندي. اوهين ٻارن وانگر هوندا ۽ يروشلم جي وسندي ماءُ جيان اوهان کي ٿڃ پيئاريندي. اها اوهان کي ڄڻ پنهنجي چيلهہ تي کڻي هلندي، ۽ پنهنجي گوڏن تي پيار مان ڪُڏائيندي.


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.


جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين.


مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


اهو صاف آهي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آهي، جيڪا هن اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ ڪري عطا ڪئي هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو خدا کي روڪي سگھان ها؟“


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات اچي ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين.


اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو،


اُهي سمنڊ منجھان دولت حاصل ڪندا، هائو، سمنڊ جي ڪناري تان هو اهو مال ميڙي گڏ ڪندا. سو هو ٻين قبيلن کي پاڻ سان گڏجي خوشيون ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيندا ۽ اچي خدا آڏو قربانيون پيش ڪندا.“


انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا بادشاهہ پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا.


ماڻهو قومن جي شان وَ شوڪت ۽ عزت وارو سامان انهيءَ ۾ آڻيندا.


حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ