Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:22 - Muslim Sindhi Bible

22 سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو، ۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو. مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس. آءٌ خداوند آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اي بني اسرائيل! توڙي جو اوهين هاڻي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا گھڻا آهيو، تڏهن بہ اوهان مان ڪي ٿورا ئي جلاوطنيءَ مان موٽي پنهنجي وطن ايندا. بيشڪ اوهان لاءِ جيڪا بربادي مقرر ڪئي ويئي آهي، سا پوري انصاف تي ٻڌل آهي.


اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“


ڇا اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ ڇا اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ ڇا ڪو ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٺهي پوندو آهي؟ يا ڪا قوم هڪڙيءَ ئي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿي پوندي آهي؟ پر ڏسو، صيئون هڪ اهڙو شهر آهي، هائو، اهو هڪ اهڙيءَ ماءُ وانگر آهي، جنهن کي سورن ٿيڻ شرط ئي ٻار ڄاوا هجن.


تڏهن هڪدم انهيءَ لوهہ، ٺڪر، پتل، چانديءَ ۽ سون کي اهڙو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو جيئن اونهاري جي موسم جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جو بُهہ هوندو آهي. پوءِ واءُ انهن کي ائين اڏائي ويئي جو انهن جو ذرو ئي ڪونہ رهيو. پر جيڪو پٿر انهيءَ مورتيءَ کي اچي لڳو هو سو ايڏو تہ وڏو جبل ٿي پيو جو روءِ‌زمين کي ڀري ڇڏيائين.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


اهي پنهنجي وطن کان پري ۽ بي‌وس آهن. بلڪ جيڪي بہ بني اسرائيل جا باقي بچي ويل آهن، تن سڀني کي آءٌ وري بحال ڪري هڪ زورآور قوم بڻائيندس. ان وقت کان وٺي آءٌ خداوند صيئون جبل تان هميشہ تائين مٿن حڪومت ڪندو رهندس.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي پيغام کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي ايمان وارن ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا.


تنهن هوندي بہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻيندڙ مردن توڙي عورتن جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو.


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ


پر اي عزيزؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ