Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 60:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 60:19
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


ساهوارن جي حياتيءَ جو سرچشمو تون ئي آهين، تنهنجي نور جي روشني اسان کي ڏسڻ جي سگھہ عطا ڪري ٿي.


اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟


بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


اي قادرِمطلق خداوند! ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن جو تو تي ڀروسو آهي!


اي يعقوب جو اولاد! اچو تہ اسين خداوند جي ڏنل روشن تعليم مطابق زندگي گذاريون.


انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.


پر اهو ڏينهن ايندو، جڏهن قادرِمطلق خداوند ئي پنهنجيءَ قوم جي باقي بچي ويلن لاءِ شاندار ۽ خوبصورت تاج هوندو.


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي. هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.


بيشڪ جيڪا قوم مصيبت جي اونداهيءَ ۾ ٿي هلي، سا خوشحاليءَ جي وڏي روشنائي ڏسندي. هائو، اها روشنائي انهن سڀني تي چمڪندي، جيڪي موت جي پاڇي واري هنڌ رهن ٿا.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


اهو ئي اوهان جي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهو ئي اوهان جو خدا آهي، جنهن اوهان جي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ