يسعياہ 60:16 - Muslim Sindhi Bible16 قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو، ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ، جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ، تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟ هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.