Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 هن جي آس پاس سرافيم بيٺا هئا: هر هڪ کي ڇهہ پر هئا؛ ٻن سان هر هڪ پنهنجو منهن ڍڪيو، ۽ ٻن سان هر هڪ پنهنجا پير ڍڪيا، ۽ ٻن سان هر هڪ اُڏاڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 6:2
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ


جڏهن الياس اهو ٻڌو تڏهن چادر سان پنهنجو منهن ڍڪي نڪري اچي غار جي منهن وٽ اندران ئي بيهي رهيو. تڏهن انهيءَ آواز کيس چيو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“


تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


پردار آسماني مخلوق جا ٻيئي مجسما هڪڙيءَ ئي ماپ ۽ هڪڙيءَ ئي شڪل جا ٺهيل هئا. هر هڪ پردار آسماني مخلوق جا ٻيئي پَر سوا ٻہ ٻہ ميٽر ڊگھا هئا. هر هڪ مجسمي جي هڪڙي پَر جي چوٽيءَ کان ٻئي پَر جي چوٽيءَ تائين وٿي ساڍا چار ميٽر هئي.


مقدس ترين جاءِ ۾ رکيل پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جا پَر پکڙيل هئا. انهن جي پکڙيل پَرن جون ٻاهريون چوٽيون پاسي وارين ڀتين سان ٿي لڳيون ۽ اندريون پَرن جون چوٽيون ڪمري جي وچ ۾ هڪٻئي سان ٿي لڳيون.


پردار آسماني مخلوق جا ٻئي مجسما صندوق جي جاءِ جي مٿان پنهنجا پر پکيڙيو بيٺا هئا ۽ صندوق ۽ ان کي کڻي هلڻ وارين ٻانهين کي ڍڪيو بيٺا هئا.


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


هڪڙي ڏينهن جڏهن ملائڪ خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي اچي حاضر ٿيو.


جڏهن تہ خدا پنهنجي ملائڪن تي بہ ڀروسو نہ ٿو رکي، توڙي جو آسمان بہ سندس نظر ۾ پاڪ نہ آهي،


ڏس، جيڪڏهن هو پنهنجي آسماني ٻانهن تي بہ ڀروسو ڪين ٿو رکي، هائو، پنهنجي فرشتن کي بہ جيڪڏهن هو ڏوهاري قرار ڏئي ٿو،


اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.


هوائن کي تون پنهنجو پيغام پهچائيندڙ ٿو بڻائين، ۽ وڄ جي تجلن کي پنهنجو خادم ٿو بڻائين.


هو پردار آسماني مخلوق تي سوار ٿي اڏامندو آيو، هائو، هو واءُ جي بازن تي پرواز ڪندو آيو.


اي خدا! آسمان وارن ۾ هر ڪو تنهنجو خوف رکي ٿو، جيڪي تنهنجي آس‌پاس آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ هيبتناڪ آهين.


اهي مجسما اهڙيءَ طرح مٿي پر پکيڙي بيهن جو سندن پرن سان رحمت جو پوش ڍڪجي وڃي. ٻيئي مجسما هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي رحمت جي پوش ڏانهن ڏسندا هجن.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


انهن مجسمن جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا. سندن منهن هڪٻئي جي سامهون رحمت جي پوش ڏانهن هئا.


تڏهن انهيءَ شعليدار مخلوق مان هڪڙو اڏاميو ۽ چمٽي سان قربان‌گاهہ تان هڪڙو ٽانڊو کڻي مون وٽ آيو.


انهن ساهوارن جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا، جن جون چوٽيون ٻئي ساهواري جي پرن سان مليل هيون ۽ سندن باقي ٻن ٻن پرن سندن بدن کي ٿي ڍڪيو.


جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي تڏهن انهن جي پرن جو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ، يا جيئن وڏي لشڪر جو گوڙ شور، يا جيئن قادرِمطلق خدا جو آواز. وري جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن انهن پنهنجا پر پنهنجي بدن سان وڪوڙي ٿي ڇڏيا.


مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي


انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا.


انهن چئني جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا ۽ هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، جو انهن هڪڙو چوڪنڊو ٺاهيو ٿي ۽ گڏجي هڪ ٿي هليا ٿي ۽ کين منهن ڦيرڻ جي ضرورت ڪانہ ٿي پئي.


تڏهن انهن جي هلڻ سان سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ ٿي هليا. جڏهن انهن زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر بلند ٿي ڪيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا.


انهن مان هر هڪ کي چار چار منهن ۽ چار چار پر هئا. انهن جي پرن هيٺان ماڻهن جي هٿن جهڙا هٿ هئا.


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


هائو، اڃا مون دعا ئي پئي گھري تہ اهو ئي شخص جبرائيل، جنهن کي مون اڳ رويا ۾ ڏٺو هو، سو اٽڪل شام جي قربانيءَ واري وقت تيزيءَ سان اڏامندو مون وٽ آيو.


سو ملائڪ پنهنجي سامهون بيٺلن کي چيو تہ ”هن جا ميرا ڪپڙا لاهيو.“ پوءِ هن يشوع کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ مان مراد آهي تہ تو تان تنهنجا گناهہ لاٿا ويا آهن ۽ هاڻ آءٌ تو کي عمدا ڪپڙا ڍڪائيندس.“


سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي دعا پئي گھري.


ملائڪن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ملائڪن کي هوائون، بلڪ پنهنجي انهن خادمن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو ملائڪ مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ دائمي خوشخبري هئي.


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، خداوند قادرِمطلق خدا، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري


پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ زمين تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ