Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 6:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جنهن سال عُزياہ بادشاهہ وفات ڪئي تنهن سال مون يسعياہ ڏٺو تہ پروردگار هڪڙي تمام اوچي ۽ مٿاهين تخت تي ويٺو آهي، مون ڏٺو تہ سندس قبا جو دامن سڄي هيڪل تي پکڙيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جنهن سال ۾ عزياہ بادشاهہ وفات ڪئي انهي سال ۾ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي اُتانهين ۽ مٿي رکيل تخت تي ويٺو آهي، ۽ هن جي قبا جي دامن هيڪل کي ڀري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 6:1
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


عُزياہ وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


اڳ آءٌ تو بابت رڳو ٻڌندو هئس، پر هاڻي جڏهن تو کي اکين سان ڏٺو اٿم،


اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي.


خداوند اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو آهي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهي؟


خدا حڪم ٿو فرمائي تہ ”جنگ بند ڪريو. ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان، جيڪو قومن ۾ سربلند ۽ سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ آهيان.“


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.


هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي.


انهيءَ ڏينهن تي ماڻهو ڳائي چوندا تہ ”خداوند جو شڪرانو بجا آڻيو، هن جي نالي کي ساراهيو. سڀني قومن ۾ سندس ڪمن کي پڌرو ڪريو. ماڻهن کي ٻڌايو تہ هن جو نالو ڪيڏو نہ بلند وَ بالا آهي!


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


پوءِ جڏهن مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري گنبذ تي نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي بناوٽ تخت جهڙي هئي.


ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.


تڏهن هي ٻانهو تو آقا سان ڪيئن ڳالهائي ٿو سگھي؟ هائو، مون ۾ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، بلڪ ساهہ ئي ڇڏائي ويو اٿم.“


منهنجي ڏسندي ڏسندي هيئن ٿيو جو هڪدم تخت وڇايا ويا، ۽ هڪ ازلي هستي اچي پنهنجي تخت تي ويٺي. ان جي پوشاڪ نوراني هئي، ۽ سندس مٿي جا وار اڇا کير جهڙا هئا. ان جو تخت باهہ جي شعلي جيان هو، جنهن جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ جيان هئا.


آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو هو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


هيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي ۽ جيستائين انهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ هيڪل ۾ گھڙي نہ سگھيو.


تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ


تڏهن هڪدم آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ عرش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي!


جيڪو انهيءَ تي ويٺو هو، سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو چمڪندڙ نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ هئي جيڪا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي روشن هئي.


جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي واکاڻ، عزت ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندو،


اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.


گھيٽڙي اڳتي وڌي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ مان اهو ويڙهوٽو ورتو.


اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي غضب کان اسين لڪي وڃون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ