Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 59:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو، تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو. هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو، پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 59:18
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هرگز نہ، خدا تہ انسان کي سندس عملن مطابق اجر ڏئي ٿو. هو هر ڪنهن سان اهڙي ئي هلت هلي ٿو، جيڪو جنهن هلت جي لائق آهي.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


ڏسو، خداوند خدا پنهنجي وڏي قدرت سان اچي ٿو. هو وڏيءَ طاقت سان حڪمراني ڪندو. ڏسو، هو پنهنجي قوم لاءِ پاڻ سان جزا ۽ اجر کنيو پيو اچي.


پر تڏهن بہ مون دل ۾ چيو تہ ”منهنجي محنت جو تہ ڪو فائدو نہ ٿيو، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي.“ انهيءَ هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ خداوند منهنجو انصاف ڪندو، ۽ منهنجو خدا مون کي اجر ڏيندو.


خداوند وراڻيو تہ ”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي، ۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو. هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن، جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.


پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو. مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو، ۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“


ڏسو، مون اڳ ۾ ئي سندن سزا جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن لاءِ فتويٰ مون لکي ڇڏي آهي. آءٌ سندن ڪيل ڪمن کان چشم‌پوشي نہ ڪندس، بلڪ کين انهن جو بدلو ڏيندس.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


ڏسو، خداوند، جنهن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون، سو باهہ سان ايندو، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي غضب جي باهہ سان پنهنجي دشمنن کي سزا ڏئي.


ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن.


مٿن هر طرف کان هڪلون ڪريو، انهن جا ڪوٽ قلعا ڀڃو ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪريو، تڏهن هو اچي پيش پوندا. بيشڪ اهو مون خداوند جو بدلو آهي، سو اوهين بہ کانئن بدلو وٺو، ۽ جيئن هنن ٻين سان ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻن ڪريو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


انهن ٻنهي ڀينرن کي شهوت‌پرستيءَ ۽ بتن جي پوڄا وارن گناهن جي سزا ضرور ملندي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند خدا آهيان.“


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! انهيءَ ڏينهن تي جڏهن ياجوج بني اسرائيل مٿان چڙهائي ڪري ايندو، تڏهن آءٌ نهايت غضبناڪ ٿي ويندس.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


بيشڪ جيڪي پري آهن سي وبا سان ماريا ويندا ۽ جيڪي ويجھو آهن سي جنگ ۾ ماريا ويندا. باقي جيڪي بچندا سي ڏڪار سان ماريا ويندا. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.


سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.


تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“


اهي خدا جي غضب جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پاڪ ڪلام جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين.


خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.


جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس، ۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس، تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس، ۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ