Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 59:13 - Muslim Sindhi Bible

13 بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي، تنهنجا باغي بڻيا آهيون، ۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون. هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون. اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا، ۽ اهي ئي زبان تي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 59:13
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آءٌ انهن مان ڪجھہ بہ ڪريان ها، تہ منهنجو اهو ڪم خدا سان بي‌وفائي ليکيو وڃي ها، هائو، اهو اهڙو گناهہ آهي، جنهن جي سزا مون کي شريعت مطابق پوري پوري ملي ها.


انهيءَ سبب جو آءٌ خداوند جي ئي راهن تي هلندو رهيو آهيان، ۽ برائي ڪري ڪڏهن پنهنجي خدا کان ڦري پري نہ ٿيو آهيان.


پر ائين هو پنهنجي واتان خدا سان دوکو ڪندا هئا. هو پنهنجي زبان سان سندس آڏو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.


انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ڪريان.“


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي بي‌انصافيءَ سان فيصلو ڪن ٿا، هائو، جيڪي ظلم وارا قانون جاري ٿا ڪن.


سو هاڻي بني اسرائيل جو پاڪ معبود سندن جواب ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان منهنجي پيغام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ظلم ۽ ڪوڙ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهن تي ئي اوهان جو دارومدار آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي خلاف سخت بغاوت پئي ڪئي آهي، پر هاڻي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ ڀٽڪيل ماڻهو بي‌وقوفيءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙي خدا کي رد ٿا ڪن. هو خداوند بابت ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ لاءِ بکايل جي پيٽ تي لت ٿا ڏين، ۽ اڃايل کي پاڻيءَ کان محروم ٿا رکن.


مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،


بيشڪ اهي اهڙي قوم جو ڏيکاءُ ڪن ٿا جيڪا سچائيءَ وارا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي شريعت کان منهن نہ ٿي موڙي. اهي روز بروز منهنجي عبادت ڪندا رهن ٿا، ۽ دعويٰ ٿا ڪن تہ ’اسين خداوند جي رستن کي ڄاڻڻ چاهيون ٿا، اسين کانئس سچائيءَ وارا حڪم طلب ڪريون ٿا، ۽ سندس عبادت ڪرڻ ۾ خوش ٿيون ٿا.‘


پوءِ جڏهن اوهين مون کان دعا گھرندا، تہ آءٌ اوهان جي دعا قبول ڪندس. اوهين مون کي پڪاريندا تہ آءٌ چوندس تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان وٽ آهيان.‘ جيڪڏهن اوهين پاڻ منجھان ظلم کي، ٻين تي طعنا ۽ الزام هڻڻ کي، ۽ ٻين جي گلا ڪرڻ کي ڪڍي ڇڏيندا،


منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي، اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري. تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.


اي بني اسرائيل! ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟ ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.


انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم مون ڏانهن پوريءَ دل سان موٽ نہ ڪئي آهي، رڳو رياڪاري ڪئي اٿن. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


پر ان جي بدران اي منهنجي قوم! تو هڪ بي‌وفا زال وانگر مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.


پر اوهان جون دليون اهڙيون تہ فسادي ۽ سرڪش آهن، جو اوهين حدون اورانگھي ويا آهن.


انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بي‌وفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بي‌وفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي، ۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.


پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو. هائو، انهيءَ وقت کان وٺي اوهين مون سان بي‌وفائي ڪندا رهيا آهيو.


جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان، تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري ۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي. اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن، انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن، تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.


ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن، توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو، تہ بہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.


اي اسرائيل وارؤ! ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟ پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.


پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“


اهي خدا کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي.


تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


پوءِ سڀني ماڻهن کي چيائين تہ ”هي پٿر اسان جو شاهد آهي. جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن سي سڀ هن ٻڌيون آهن. اهو اوهان تي شاهد ٿيندو، جيڪڏهن اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿيندءُ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ