Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 58:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن اوهين مون کان دعا گھرندا، تہ آءٌ اوهان جي دعا قبول ڪندس. اوهين مون کي پڪاريندا تہ آءٌ چوندس تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان وٽ آهيان.‘ جيڪڏهن اوهين پاڻ منجھان ظلم کي، ٻين تي طعنا ۽ الزام هڻڻ کي، ۽ ٻين جي گلا ڪرڻ کي ڪڍي ڇڏيندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن تون سڏ ڪندين ۽ خداوند جواب ڏيندو؛ تون پڪاريندين ۽ هو چوندو تہ اِجهو آءٌ بيٺو آهيان. جيڪڏهن تون پنهنجي وچ مان ظلم جي پاڃاري ۽ انگشت نمائي، ۽ گلا ڪڍي ڇڏيندين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 58:9
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو يعقوب پنهنجي پيءُ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”بابا!“ اسحاق جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ، تون ڪهڙو آهين؟“


تڏهن تون خدا کان جيڪا بہ دعا گھرندين سا هو قبول ڪندو، ۽ تون پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندو رهندين.


”مون مصيبت جي وقت خداوند کي پڪاريو، خداوند منهنجي دانهن ٻڌي ۽ مون کي ڇڏايائين.


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


خداوند انهن سڀني کي ويجھو آهي، جيڪي کانئس دعا گھرن ٿا، بشرطيڪ اهي کيس سچيءَ دل سان پڪارين.


اي خداوند! مون کي پورو يقين آهي تہ تون پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائيندين. تون پنهنجي عرش عظيم تي سندس عرض ٻُڌي، کيس پنهنجي زور واري قوت سان فتح بخشيندين.


خداوند جي حضور مان اوهين پنهنجي خوشي حاصل ڪريو، اهو ئي اوهان جي دل جون مُرادون پوريون ڪندو.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


اهي ٻين کي ٺڳڻ لاءِ اکيون ٿا ڀڃن ۽ هٿن ۽ پيرن سان اشارا ٿا ڪن.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


اي صيئون جبل تي يروشلم ۾ رهندڙ قوم وارؤ! اڳتي اوهان کي ڪڏهن بہ روئڻو نہ پوندو. خداوند اوهان جي فرياد جو آواز ٻڌڻ سان ئي اچي اوهان تي رحم ڪندو. هائو، هو اوهان جي ٻڌندو ۽ هڪدم وراڻي ڏيندو.


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين تہ پاڻ بدڪار ۽ ڪوڙا آهيو.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


ائين نہ سمجھو تہ خداوند ايترو ڪمزور آهي، جو اوهان کي بچائي نہ ٿو سگھي، يا هو ڪو ٻوڙو آهي جو اوهان جو فرياد ٻڌي نہ ٿو سگھي.


بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي، تنهنجا باغي بڻيا آهيون، ۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون. هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون. اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا، ۽ اهي ئي زبان تي آهن.


اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“


آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان.


مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو اٿائين سا ذري پرزي موٽائي ڏئي. انهيءَ سان گڏ جنهن وقت هو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي تنهن وقت انهيءَ شيءِ جي مالڪ کي سندس شيءِ جو پنجون حصو وڌيڪ ادا ڪري.


بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ