يسعياہ 58:7 - Muslim Sindhi Bible7 اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو تہ هو قيدين جي سنڀال ڪن. انهن لٽ جي مال مان اُگھاڙن قيدين کي ڪپڙا پهرايا، کين جتيون پائڻ لاءِ ڏنائون، کين کاڌو کارايائون ۽ سندن زخمن جي ملم پٽي پڻ ڪيائون. انهن مان جيڪي ڪمزور هئا تن کي گڏهن تي چاڙهيو ويو. اهڙيءَ طرح سڀني قيدين کي يهوداہ ۽ اسرائيل جي سرحد وٽ کجين واري شهر يريحو ڏانهن واپس آندو ويو. پوءِ اسرائيل وارا سامريہ ڏانهن موٽي ويا.
جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هموطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“