يسعياہ 58:5 - Muslim Sindhi Bible5 ڇا اهڙو روزو مون کي پسند آهي؟ ڇا اوهان جي نظر ۾ روزو اهو ئي آهي تہ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي، ڪاني وانگر پنهنجو مٿو جھڪائي ويهي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي مٿي ۾ رک وجھي ويهي؟ ڀلا انهيءَ کي روزو چئي سگھجي ٿو ڇا؟ هائو، انهيءَ کي اوهين مون خداوند وٽ قبول پوڻ وارو روزو چوندا ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“
تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.