Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 58:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ڏسو، اوهين جھيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ دنگي ۽ فساد کان باز نہ ٿا اچو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ اهڙي قسم جو روزو رکي اوهين پنهنجيون دعائون مون تائين پهچائي سگھو ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڏسو، اوهين جهيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ انهيءَ لاءِ تہ شرارت سان مُڪون هڻو: اوهين اڄ ڪلهہ اهڙو روزو نٿا رکو جو اوهان جو آواز آسمان ۾ ٻڌڻ ۾ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 58:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهن هوندي بہ اڃا وقت آهي، جو اوهين پنهنجي پوريءَ دل سان، روزا رکندي، روئندي رڙندي ۽ پڇتائيندي مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.“


تنهن کان پوءِ هن حڪم جاري ڪيو تہ ”بادشاهہ ۽ سندس اميرن جي حڪم سان هي اعلان ڪيو وڃي ٿو تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڍور ڍڳا يا رڍون ٻڪريون نڪي کائن نڪي پيئن، بلڪ ڪوبہ ماڻهو توڙي جانور ڪا شيءِ چکي بہ نہ.


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


اهي رنن‌زالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنو ويندو.“


ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ