Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 58:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جيڪي تنهنجي نسل مان ٿيندا سي جهونيون ويران جايون وري جوڙيندا: تون گهڻين پيڙهين جي بنياد تي اڏاوت ڪندين؛ ۽ تون ڊٺلن جي مرمت ڪندڙ ۽ رهڻ لاءِ واٽن جو سنواريندڙ سڏبين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 58:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“


۽ بادشاهہ کي وراڻيم تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ۽ جيڪڏهن پنهنجي هِن ٻانهي تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ يهوداہ جي ان شهر ڏانهن وڃان جتي منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن تہ جيئن آءٌ اهو وري تعمير ڪرائي سگھان.“


سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا.


هائو، آءٌ ڌرتيءَ جي انهن بادشاهن ۽ وزيرن وانگر پيو هجان ها! جن پنهنجي لاءِ مقبرا اڏي ڇڏيا هئا.


تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آس‌پاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻ‌پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.


اي يروشلم جون کنڊر بڻجي ويل جايون! اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي دلداري ڏئي ٿو، تہ هو يروشلم کي بچائڻ وارو آهي.


اهي قديم ڊٺل جاين کي وري اڏيندا. هائو، اهي انهن اجڙيل شهرن جي مرمت ڪندا، جيڪي پيڙهين کان اجاڙيل آهن.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن‌ايل ٺُلهہ کان وٺي اولهہ پاسي جي ڪنڊ واري دروازي تائين مون خداوند جي نالي سان سڏيو ويندڙ شهر يروشلم وري تعمير ٿي ويندو.


اهي بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ ڪوٽ جي مرمت نہ ٿا ڪن يعني اهي کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار نہ ٿا ڪن، نڪي وري انهن جي طرفان ڀڳل ٽٽل ڀتين تي ٿا بيهن يعني مون خداوند آڏو اهي نہ ٿا پڪارين تہ جيئن منهنجي عدالت واري ڏينهن بني اسرائيل جيئرا رهي سگھن.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جڏهن آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن کان پاڪ ڪندس، تڏهن اوهين پنهنجي ويران ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهڻ لڳندا.


تنهنڪري اي بني اسرائيل جا جبلؤ! مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌو. آس‌پاس وارين قومن ملڪ جي ٽڪرين، نهرن، ماٿرين، وحشتناڪ ويران جاين ۽ غير آباد شهرن سميت اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي ٺٺوليءَ جهڙو بڻايو آهي. انهن قومن بابت آءٌ خداوند خدا جيڪي ڪجھہ چوان ٿو


تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.


اي يروشلم جا رهاڪؤ! شهر جي ڀتين جي نئين سر تعمير جو وقت اچي رهيو آهي. انهيءَ وقت اوهان جي علائقي جون حدون وڌايون وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ